آءِ ايم ايف کي بجلي،گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي يقين ڌياني

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان آءِ ايم ايف کي جولاءِ ۾ گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو يقين ڏياريو آهي.ذريعن موجب پاور سيڪٽر جي گردشي قرضن ۾ 150 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي، پاڪستان هلندڙ سال جي آخر تائين گردشي قرض 2300 ارب رپين تائين محدود ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي ناڻي واري وزارت جي عملدارن وچ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ پرائمري خسارو گهٽائڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن.آءِ ايم ايف کي ايندڙ سال جي بجيٽ جي هدفن تي بريفنگ ڏني وئي، رياستي ادارن جي ڪارڪردگي جي نگراني لاءِ سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ جي ڪارڪردگي تي به غور ڪيو ويو.توانائي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان جولاءِ ۾ گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو يقين ڏياريو آهي.توانائي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف مشن جي توانائي واري وزارت جي عملدارن سان وڌيڪ ڳالهيون جاري آهن.ذريعن موجب آءِ ايم ايف ۽ ايف بي آر وچ ۾ ڳالهيون اڄ شام ٿينديون.آءِ ايم ايف ريوالونگ ڪريڊٽ ۾ واڌ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، پاور سيڪٽر جي ريوالونگ ڪريڊٽ ۾ 150 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي.پاڪستان هلندڙ سال جي آخر تائين گردشي قرض 2300 ارب رپين تائين محدود ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو