راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ٻه قومي نظريي تي ٺاهيو ويو، پاڪستان جي فوج ۽ عوام هڪ هئا، هڪ آهن ۽ هڪ ئي رهندا.پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ آزادي جي پريڊ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪ فوج جي جوانن مادر وطن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.آرمي چيف جنرل عاصم منير آزادي جي پريڊ جو خاص مهمان هو.
