لاهور: (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان، عدليه ۽ فوج خلاف ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيندس.نيشنل ڪاليج آف آرٽس(اين سي اي) جي دوري جي موقعي تي ڳالهيون ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته نيشنل ڪاليج آف آرٽس هڪ بهترين يونيورسٽي آهي، اين سي اي قومي سطح تي شهرت حاصل ڪري ورتي آهي جنهن جا شاگرد گهڻو ڪجهه حاصل ڪري رهيا آهن. هتي جا نوجوان شاگرد ريسرچ کان پوءِ ڪم ڪندا آهن جيڪو تخليفي هوندو آهي.سردار اياز صادق چيو ته اسان نه حڪومت ۾ آهيون نه ئي اپوزيشن پر بطور اسپيڪر پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته احتجاج ضرور ڪري سگهجي ٿو پر شرط اهو آهي ته انهي ۾ باهه نه لڳائي وڃي ۽ حياتين جو نقصان نه ٿئي. ڀڃ ڊاهه، ڏنڊن ۽ بندوقن جي موجودگي ڳڻتي جو سبب بڻجندي آهي.هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪو به پاڪستان جي خلاف ڳالهائيندو ته انهي کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ عدليه ۽ ججز جي ڪردار تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اهڙي طرح پاڪ فوج جي خلاف ڳالهائڻ جي به اجازت نه ڏني ويندي صرف انهن کي ڳالهائڻ جي اجازت هوندي جيڪي آئين جي دائري ۾ رهي ڳالهائيندا. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت مضبوط ٿي رهي آهي، ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا 40 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان جا آمريڪا، چين، روس، ترڪي ۽ سعودي عرب سان پراڻا دوستانه لاڳاپا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هر ملڪ ۾ مافيا هوندا آهن انهن سان وڙهڻ عوام جو ڪم آهي.










