پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون صوبن کي ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وفاقي حڪومت بجلي جي وڪري، ورڇ ۽ ٽيرف جو موجوده نظام ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي مالڪي صوبن کي ڏيڻ جي سمري وفاقي ڪابينا ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.دستاويزن موجب وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ بجلي جا هڪ جهڙا ٽيرف ختم ڪرڻ، بجلي جي قيمتن ۽ سبسڊيز جي ذميواري صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته حيدرآباد ۽ سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني کي سنڌ جي ملڪيت ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته ڪوئيٽا اليڪٽرڪ ڪمپني کي بلوچستان جي ملڪيت ۾ ڏنو ويندو. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته لاهور، گوجرانوالا، فيصل آباد ۽ ملتان اليڪٽرڪ سپلاءِ جي مالڪي پنجاب کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي مالڪي پنجاب ۽ وفاق جي گڏيل ملڪيت هوندي.دستاويز موجب پشاور ۽ قبائلي علائقي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني کي خيبرپختونخواهه جي ملڪيت ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي صوبن جي حوالي ڪرڻ لاءِ پاليسي فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي، بجلي چوري ۽ وصوليون نه ٿيڻ سبب قومي خزاني تي بار نه پيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو