لاهور(ويب ڊيسڪ) حڪومت سڄي ملڪ ۾ پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.توانائي واري وزارت جي ذريعن موجب پاور ڪمپنين ۾ ٽيڪنيڪل، قابل ۽ غير سياسي ماڻهن کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ ڊسٽريبيوشن ڪمپنين ۽ اين ٽي ڊي سي جا نوان بورڊ ٺاهيا ويندا.ماضي ۾ پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي بورڊن ۾ سياسي ۽ مشهور شخصيتون شامل هيون جڏهن ته بورڊ جي اڪثر ميمبرن جو تعلق غير ٽيڪنيڪل ۽ سياسي پسمنظر سان هو.










