پارٽي ۾ سينيئر اڳواڻن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي: يوسفزئي

اسلام آباد (بيورورپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسفزئي جو چوڻ آهي ته پارٽي ۾ سينيئر اڳواڻن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪيس هلن ته وٽن ڪجهه ناهي، پراسيڪيوشن ڪمزور آهي.شوڪت يوسفزئي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عمر ايوب چيو هو ته هو اپوزيشن ليڊر جو ڪردار ادا ڪندو، ان ڪري جنرل سيڪريٽري جو عهدو ڇڏي ڏنائين. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن سمورا اڳواڻ پارٽي ڇڏي وڃن ته به پارٽي نه ٽٽندي.

پهنجو تبصرو موڪليو