پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان ڪابل جي اتحادي آهي: خواجا آصف

اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، ٽي ٽي پي ڪابل جو اتحادي آهي.هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته افغانستان جا مسئلا انتهائي سنگين آهن، افغان سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي.هن چيو ته ٽي ٽي پي ڪابل جو اتحادي آهي، امن ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ افغانستان جو فرض آهي، خير سگالي ۽ نيڪ خواهشن کي هڪ طرفو نٿو ڪري سگهجي.اڳوڻي بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته افغانستان سان مسئلا رڳو پيٽرولنگ ۽ واپار تائين محدود نه آهن. دهشتگرد مريضن جي سارسنڀال ڪندڙن جي آڙ ۾ پاڪستان اچي رهيا آهن.ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پاڪستاني فوج ۽ شهري شهيد ٿي رهيا آهن، پس منظر کي سامهون رکڻ جي ضرورت آهي

پهنجو تبصرو موڪليو