ٽڪ ٽاڪ ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر اسيمبلي دروازي آڏو بيٺا آهن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف قومي اسيمبلي جي سڪيورٽي تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ ۽ سوشل ميڊيا تي اثرانداز ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي مين دروازي تي بيٺا آهن.قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي خواجا آصف پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن توهان هن دروازي مان نڪرو ته 40، 50 ماڻهو بيٺا آهن، يوٽيوب وارا ۽ موبائل فون وارا ماڻهو گيلري ۽ لفٽن جي ويجهو بيٺا آهن.هن چيو ته منهنجو خدشو سڪيورٽي سان جڙيل آهي، 90ع واري ڏهاڪي ۾ هڪ ايم اين اي کي اسپيشل ڪارڊ جاري ڪندو هو، هاڻي هتي ڪو به داخل ٿي سگهي ٿو.خواجا آصف چيو ته سڪيورٽي عملي کي گذارش آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ماڻهن کي اسيمبلي ۾ اچڻ جي اجازت ڏني وڃي، هن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان مان توهان کي اڳ ئي ٻڌائي چڪو آهيان، ڪالهه به توهان کي پيغام موڪليو هو، ايم پي ايز به مخصوص تعداد ۾ مهمان آڻي سگهن ٿا.بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته داسو واقعي واري گاڏي 10 ڏينهن تائين پاڪستان ۾ گهمي، سڄي پاڪستان جو سفر ڪرڻ بعد اها گاڏي داسو آئي، اهڙي ئي گاڏي هتي به اچي سگهي ٿي.خواجه آصف اهو به چيو ته ڪو به ماڻهو ڪنهن به وقت هن عمارت ۾ داخل ٿي سگهي ٿو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته ان حوالي سان هدايتون ڏنيون ويون آهن ۽ سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.ان سان گڏ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو