ٽيم انتظاميا ۽ سليڪٽر شاهين آفريدي جي فارم تي پريشان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ٽيم انتظاميا ۽ قومي سليڪشن ڪميٽي فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي تازي فارم تي پريشان آهي.قومي ڪرڪيٽر شاهين آفريدي مسلسل ڪرڪيٽ جي ڪري ٿڪاوٽ جو شڪار آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن پاڪستان آسٽريليا خلاف ميلبورن ۾ ٻي ٽيسٽ هارائي ٿو ته امڪان آهي ته شاهين آفريدي کي نئين سال جي شروعات ۾ سڊني ٽيسٽ ۾ آرام ڏنو ويندو. ته جيئن هو ريفريش ٿيڻ بعد نيوزيلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز ۾ حصو وٺي سگهن.ٽي 20 ٽيم ۾ صعيم ايوب ۽ محمد رضوان تي مشتمل اوپننگ جوئر ٺاهڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو