ٽن مهينن تائين بجلي بلن ۾ رعايت ڏيڻ جو اعلان لولي پوپ قرار

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمدحسين محنتي شهباز شريف حڪومت پاران 200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين لاءِ ٽن مهينن تائين بجلي بلن ۾ رعايت ڏيڻ واري اعلان کي لولي پوپ قرار ڏيندي چيو آهي ته حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ 12 جولاءِ تي ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ مهانگائي، ظالماڻين ٽيڪسز خلاف جماعت اسلامي جو ڌرڻو هر صورت ۾ لڳندو، جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جي سموري ذميواري انتظاميه مٿان عائد ٿيندي. آءِ ايم ايف جي غلام حڪومت کي گهرجي ته پنهنجون عياشيون ختم ڪري غريب عوام کي حقيقي رليف فراهم ڪري، يوٿ سميت برادر تنظيمن کي اسلام آباد ڌرڻي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ برادر تنظيمن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ سميت ٻيا اڳواڻ ۽ برادر تنظيمن جا عهديدار پڻ موجود هئا. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته 12 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ رٿيل ڌرڻو عوامي اُميدن جو مرڪز ۽ محور آهي، قوم مٿان مسلط فارم47 ذريعي جعلي حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ بدران وڌيڪ سخت ۽ مشڪل فيصلن ۽ وڌيڪ قربانيون ڏيڻ جون ڳالهيون شرم جوڳيون آهن. 200 يونٽ بجلي تي سبسڊي جو لولي پوپ به دراصل عوامي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کان بچڻ جو هڪ بهانو آهي، بجلي بلن ۾ حڪومتي غنڊه ٽيڪس ماڻهن جي برداشت کان ٻاهر ٿي چڪو، عوام کي بنيادي انساني ضرورتون فراهم ڪرڻ هر رياست جي ذميواري آهي، پر پاڪستان ۾ حالتون ان جي ابتڙ آهن، وزير، مشير، ججز ۽ جرنيل مُفت بجلي جا مزا وٺي رهيا آهن جڏهن ته عوام کي آءِ ايم ايف جي اشارن تي قرباني جو ٻڪرو بڻايو پيو وڃي ظلم ۽ جبر جو اهو بدبودار نظام هاڻي وڌيڪ نه هلي سگهندو، ٻن يا ٽن مهينن جو لولي پوپ نه بلڪه حڪمرانن کي پنهنجون عياشيون ختم ڪري ماڻهن کي حقيقي رليف ڏيڻو پوندو. عوام اسلام آباد ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ظالماڻي نظام، مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ کان خاتمي لاءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته اڄ تائين آءِ ايم سميت عالمي مالياتي ادارن سان قرض لاءِ جيڪي به معاهدا ڪيا ويا انهن جو فائدو حڪمرانن ۽ اشرافيه کي ٿيو جن پنهنجي نسلن جو مستقبل روشن ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ وڏيون وڏيون ملڪيتون ۽ بينڪ بيلنس ٺاهيو، جڏهن ته ان جا نقصان عوام ڀوڳي رهي آهي جن کي غربت، بُک، بدحالي، بدترين مهانگائي، بجلي جي ڳرن بلن کان سواءِ ڪجهه به پلئه ناهي پيو، حڪمران طبقي ۽ اسٽيبلشمنٽ جي عياشين جي ڪري 76 سالن کان پوءِ اسان جنهن مقام تي پهتا آهيون اهو ٻڏي مرڻ جو مقام آهي. 50 ارب رپين جي سبسڊي جو راڳ الاپڻ واري حڪومت هڪ ڏينهن ۾ پنهنجي مشهوري لاءِ اربين رپين جا اشتهار جاري ڪري ثابت ڪيو ته قوم جي ٽيڪسز مان قومي خزاني ۾ جمع ٿيل رقم کي اڏائڻ سندن پسنديده مشغلو آهي، عوام جي کيسي مان ٻارن لاءِ ٽافين جا پئسا به ڪڍيا ويا آهن، پهرين جولاءِ کان مارڪيٽن ۾ مهانگائي جو طوفان اچي چڪو آهي، روزانه عام واهپي وارين شين جا اگهه وڌايا پيا وڃن، شهباز شريف پنهنجا ڪپڙا کپائي عوام کي اٽو سستو ڪري ڏيڻ جو وعدو ڪيو، پر هاڻي ته ماڻهن جي بدن تي موجود گوڏ به لاٿي وئي آهي. موجوده حڪومت هڪ هفتي ۾ 1300 سئو ارب رپين جا نوان قرض کڻي سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڳرن ٽيڪسن جي عيوض آءِ ايم ايف جي قسط ته ملي ويندي، پر اهو پئسو خرچ وري به حڪمرانن جي عياشين تي ٿيندو، هن وقت ملڪي معيشت کي پوليو جا قطرا پيارڻ جي اشد ضرورت آهي ڇو ته ان جي معذور ٿيڻ جو خطرو روز بروز وڌنڌو پيو وڃي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو