ڀاءُ هٿان شادي شده ڀيڻ قتل، جوابدار گرفتار

ٽنڊوالهيار: (ن س) ٽنڊوالهيار ڀرسان سلطان آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڀاءُ پنھنجي ڀيڻ کي مبينه طور قتل ڪري ڇڏيو،رپورٽ موجب ٽنڊوالهيار جي مسڻ آباد ڀرسن سلطان آباد ٿاڻي جي حد ۾ 27 ورهين جي شادي شده عورت انيلا کي سندس ڀاءُ جاويد بروهي مبينه طور گهر ۾ پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.اهڙو اطلاع سلطان آباد ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ويو جيڪا واقعي واري هنڌ پهچي وئي جنهن مبينه طور قتل ٿيل ناري جو لاش سول اسپتال کڻائي آئي جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ذريعن موجب پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته مک جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پوليس جو چوڻ آهي تہ جوابدار جاويد بروھي فرار ٿي ويو جنھن جي ڳولا جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو