ٽريننگ تي ويندڙ اهلڪار يرغمال، قيمتي سامان ڦر

غوثپور (ن س)غوثپور۔ شھر ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي تنگواني لنڪ روڊ واري علائقي زور شاخ ڀرسان ڏھ کان وڌيڪ اڻ ڄاتل ھٿياربندن تنگواني کان شھدادڪوٽ ٽريننگ تي ويندڙ پنڌرھن کان وڌيڪ پوليس اھلڪارن کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کانئن لکين روپيه روڪ رقم۔ موبائيل فونون۔ آ۽ ڊي ڪارڊ سرڪاري ورديون ۽ پسٽل به ڦر ڪري فرار ٿي ويا۔ اھڙي واقعي جو ايس ايس پي ڪشمور کي اطلاع ملڻ بعد پوليس جي وڏي نفري واقعي واري ھنڌ پھچي علائقي جو گھيرو ڪري گھر گھر تلاشي شروع ڪري ڏني پر ذريعن ٻڌايو ته ھٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ ٻئي پاسي رپورٽر طرفان واقعي واري ھنڌ پھچي ڦر ٿيل اھلڪارن کان تفصيل پڇڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته ھنن صاف انڪار ڪندي ٻڌايو ته ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي صاحب ناراض ٿيندو۔ واضع رھي ته ضلعي ڪشمور ۾ امن امان جي بدتر صورتحال سبب عام شھري ته روز لٽجن ٿا پر پوليس اھلڪار به محفوظ ناھن رھيا۔۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو