ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، نينگري فوت

خانپور (زبيرگل) انڊس هاءِ وي لڪڙا هوٽل ڀرسان ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳڙهي ياسين واسي 12ساله نينگري ڪرن ڌي نادر چيپاٺجي موقعي تي ئي فوت ٿي وئي. هوٽل تي ويٺل ماڻهن پوليس کي اطلاع ڏنو جن ايمبولنس ذريعي لاش اسپتال کڻائي آيا جتي ڊاڪٽر پاران لاش چچريل هجڻ ڪري  فوتي نينگري جو لاش بنا پوسٽ مارٽم جي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٽرالر کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو