ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، ماءُ ۽ ڌيءَ فوت، پيءُ پٽ زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ فوت ٿي ويا، جڏهن ته پيءُ پٽ سخت زخمي ٿي پيا.ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ٽريفڪ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي تيز رفتار ٽرالر سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ماءُ ۽ ڌيءَ موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته پيءُ پٽ معجزاڻي طور بچي ويا.پوليس موجب موٽرسائيڪل تي سوار 4 ڄڻا سوار هئا، جن ۾ ماءُ ۽ ڌيءُ به شامل هئا، جيڪي شادي جي تقريب مان واپس اچي رهيا هئا. فوت ٿيل ماءُ ۽ ڌيءَ جي سڃاڻپ 43 ورهين جي ناديا ۽ 15 ورهين جي شمائلا طور ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو