ٽي ملڪي سيريز جو فائنل ، نيوزي لينڊ پاڪستان کي هارائي کٽي ورتو

ٽي ملڪي سيريز جو فائنل ، نيوزي لينڊ پاڪستان کي هارائي کٽي ورتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيوزي لينڊ پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽرائي سيريز کٽي ورتي.ڪيويز پاڪستان جو 243 رنسن جو هدف 46 هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڪراچي ۾ کيڏيل فائنل ۾ پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان جي اننگز مايوس ڪندڙ شروعات ٿي، فخر زمان 10 رنسن تي آئوٽ ٿيو، ان کان پوءِ سعود شڪيل 8 ۽ بابر اعظم 29 رنسن تي آئوٽ ٿيو.رضوان ۽ سلمان هڪ ڀيرو ٻيهر هٿ ڏيکاريا، رنسون جوڙيون ۽ 88 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، پر ڪپتان 46 ۽ نائب ڪپتان 45 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ آئوٽ ٿي ويا. طيب طاهر پڻ 38 رنسون ٺاهيون، پر بعد ۾ ايندڙ بيٽسمين صرف 242 رنسن تائين پهچي سگهيا.پوري ٽيم آخري اوور ۾ آئوٽ ٿي وئي، نيوزي لينڊ جي ول اورورڪ چار وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته بريس ويل ۽ سينٽنر ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. پاڪستاني ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. سندس چوڻ هو ته پچ بيٽنگ لاءِ سازگار لڳي رهي آهي ۽ لڳي ٿو ته هي هاءِ اسڪورنگ ميچ هوندي. هن ٻڌايو ته هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي محمد حسنين جي جاءِ تي فهيم اشرف کي کيڏايو ويو آهي، پهريون اوور جيڪب ڊفي ڪرايو جنهن م بن چوڪن جي مدد سان فخر الزمان 10 رنسون ٺاهيون. جنهن بعد هو محطاط ٿي ويو ۽ 16 جي مجموعي اسڪور تي فخر آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد سعود شڪيل کي بريس ويل بولڊ ڪيو، هن 14 بالن تي 8 رنسون ٺاهيون. ان بعد بابر جو ساٿ ڏين ڪپتان رضوان آيو، بابر اعظم نو بال تي ڇڪو هنيو ۽ ان بعد ون ڊي ۾ سڀ کان تيز ترين 6 هزار رنز ٺاهن جو به اعزاز حاصل ڪيو پر هو وڏي اننگ .کيڏڻ ۾ ناڪام ويو ۽ هڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 34 بالن تي 29 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو ناٿن سمٿ پنهنجي ئي بال تي کيس اڌ پچ تي ڪيچ ڪيو جنهن بعد سلمان ۽ رضوان جي جوڙي اسڪور اڳتي وڌايو پر رضوان هڪ ڇڪو ۽ 4 چوڪا هڻي 76 بالن تي46 رنسون ٺاهي او روڪ جو ٻيو شڪار بڻيو ۽ بال سندس بيٽ کي لڳڻ بعد وڪيٽ ۾ لڳو ۽ هو بولڊ ٿي ويو. ٻنهي88 رنسن جي پارتنر شپ قائم ڪئي. جنهن بعد طيب طاهر آيو. ٻنهي جي پارٽنرشپ ۾ 19 رنسون ٺهيون ته سلمان آغا 37 هين اوور ۾ 65 بالن تي 45 رنسون ٺاهي بريس ويل جي بال تي جيڪب ڊفي هٿان ڪيچ ٿي ويو، هن هڪ ڇڪو ۽ هڪ چوڪو هنيو هو.جنهن بعد خوشدل شاهه آيو. جنهن 18 بالن تي 7 رنسون ٺاهيون ته بائونڊري تي ڪيچ ٿي ويو، طيب طاهر هڪ ڇڪو ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 32 بالن تي 33 رنز اسڪور ڪيون پر مڊ وڪيٽ تي ڪين وليمسن هٿان ڪيچ ٿيو. فهيم اشرف کي ٻه چانس مليا 21 بالن تي 22 رنس ٺاهي ٽئين ڀيري ڪپتان هٿا ڪيچ ٿيو، شاهين آفريدي هڪ ۽ نسيم شاهه 19 رنسون ٺآهي آئوٽ ٿيو.

Photo PCB

پهنجو تبصرو موڪليو