راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) سڪيورٽي فورسز ٽانڪ ضلعي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي 2 دهشتگرد مارجي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آپريشن 4 ۽ 5 جنوري جي وچ تي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو، جنهن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن مان هڪ جي سڃاڻپ گل يوسف عرف گل يوسف جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو ٽئنڪ ۽ ڊي آءِ خان ۾ دهشتگرد حملن سان گڏ بيگناهه شهرين جي قتل ۽ ڀتا خوري ۾ به ملوث هو.آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل گل يوسف جي سر جي قيمت 25 لک رپيا رکي وئي آهي جڏهن ته ٽانڪي جي رهواسين سڪيورٽي فورسز جي آپريشن کي ڀليڪار ڪيو.










