ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 2 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪندي ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ٽانڪ ضلعي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، ان دوران سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن مان هڪ جي سڃاڻپ گل يوسف عرف طور جي نالي سان ٿي، هو ٽانڪ ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملن ۾ ملوث هجڻ سان گڏ شهرين جي قتل ۽ ڀتي خوري ۾ به ملوث هو. آءِ ايس پي آر موجب انتهائي گهربل گل يوسف جي سر جي قيمت 25 لک رپيا مقرر هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو