ٻيا صوبا به بجلي چوري روڪڻ لاءِ قدم کڻن: وزيراعظم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ٻين صوبن کي به پنجاب جيان بجلي چوري روڪڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.بجلي جي شعبي بابت اجلاس سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجلي چوري روڪڻ جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي، ان حوالي سان پنجاب جي ڪارڪردگي بهترين آهي ان ڪري ٻيا صوبا به بجلي چوري روڪڻ جي لاءِ قدم کڻن.وزيراعظم چيو ته بجلي جي ورهاست واري نظام ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. بجلي جي ورهاست جي نظام جي بهتري لاءِ ڪنسلٽنس جي مقرري جي ضرورت آهي. شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ برساتون پئجي رهيون آهن. اين ڊي ايم اي حڪومتن سان ملي لائحه عمل واضح ڪري. برسات سبب نقصان جي حوالي سان اين ڊي ايم اي کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن.وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ تازين برساتن سان ڊيم ڀرجندا جنهن سب پن بجلي ۾ اضافو ٿيندو پر برساتن سان ڪافي جاني نقصان به ٿيو آهي. اين ڊي ايم اي چيئرمين فوري طور تي صوبن سان رابطا ڪري ۽ ملي متاثر هنڌن تي امدادي سامان پهچائي.هن چيو ته ملڪ ۾ بجلي چوري روڪڻ وڏو چيلينج آهي.پنجاب ۾ ان حوالي سان اڳڀرائي ٿي آهي. ٻيا صوبا به ان ۾ تعاون ڪندا، بجلي جي ورهاست جو نظام تمام گهڻو خراب آهي جنهن جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. جيتريون به ڪوششون ۽ سرمائيڪاري ڪئي وڃي گهٽ آهي. ان کي صحيح ڪرڻ کان سواءِ جيتري به بجلي پيدا ڪئي وڃي جيڪڏهن ٽرانسميشن نظام بهتر نه ٿيندو ته سموري سرمائيڪاري ضايع ٿي ويندي. انهي ڪم جي لاءِ جتان کان به عالمي معيار جا ڪنسلٽنٽس ملندا ان کي وٺي اينداسين ته جيئن اهي اچي رپورٽون ڏين انشاءَالله اسان تمام جلد صورتحال تي ڪنٽرول ڪري وٺنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو