ٻه ڀيرا ويڪسين ڪرائيندڙ ڊاڪٽر به ڪورونا جو شڪار

ٻه ڀيرا ويڪسين ڪرائيندڙ ڊاڪٽر به ڪورونا جو شڪار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙ ڊاڪترن ۾ به ڪورونا جي تصديق ٿي وئي آهي.اسلام آباد جي سرڪاري اسپتال جي ڪجهه  ڊاڪٽرن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي وئي آهي. حالانڪه ان ڊاڪٽرن کي ڪورونا ويڪسين به لڳائي وئي هئي. ڪجهه ڊاڪٽرن کي ڪورونا ويڪسين جي ٻئي خوراڪ به لڳي  وئي هئي ويڪسين لڳرائڻ جي باوجود ڪورونا ٿيڻ سبب دوا جي باري ۾ ڳڻتي ۽ خدشا پيدا ٿي ويا آهن.هوڏانهن وزيراعظم عمران خان به ڪورونا جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ ان جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويو آهي. حالانڪه  وزيراعظم 2 ڏينهن اڳ ئي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو