ٻن ڌرين ۾ پراڻي ملڪيتي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ، 3 ڄڻا قتل

قمبر: (ن س) غيبي ديرو ٿاڻي جي حد جابلو پٽي ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ملڪيت جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ سبب 3 ڄڻا غلام عمر، علي خان چانڊيو ۽ هڪ واٽ ويندڙ عبد الرحيم گائينچو قتل ٿي ويا.پوليس جهيڙي واري هنڌ پهچي ڪري لاش کڻي قمبر ڊي ايچ ڪيو اسپتال کڻائي آئي جتي ضروري ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن ٻڌايو پيو وڃي ته اڃان وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو امڪان آھي جڏھن ته پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو