ٻارڙي جو زيادتي کان پوءِ قتل، قاتل پاران ڏوهه جو اعتراف

ٻارڙي جو زيادتي کان پوءِ قتل، قاتل پاران ڏوهه جو اعتراف

ڪراچي :(اسٽاف رپورٽر) گلبرگ ۾ 3 ورهين جي ٻارڙي جي ڦاهو لڳل لاش ملڻ جي واقعي ۾ گرفتار جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي.پوليس موجب واقعي کان پوءِ گرفتار ڪيل جوابدار رڪشه ڊرائيور نصير ٻارڙي کي ڳچي ۾ ڦاهو ڏئي قتل ڪيو جنهن جو هن اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي.پوليس موجب ٻارڙي کي قتل ڪرڻ کان پوءِ لاش کي ٻوري ۾ وجهي گهٽي ۾ اڇلي ڇڏيو گرفتار جوابدار جي سي سي ٽي وي تصوير به ملي آهي جنهن ۾ جوابدار کي ٻارڙي کي ٻوري ۾ کڻي ويندي ڏسي سگهجي ٿو.پوليس اختيارين ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم ۾ ٻارڙي سان زيادتي جي پڻ تصديق ٿي آهي، ان سلسلي ۾ جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.ياد رهي ته ڪراچي جي علائقي گلبرگ مان 9 آڪٽوبر جي صبح 3 ورهين جي معصوم ٻارڙي جي لاش ملي هئي جيڪا گهر کان ڪجهه فاصلي تي هئي، ٻارڙي صبح جو اسڪول وڃڻ لاءِ نڪتي هئي جنهن کي جوابدار زيادتي جو نشانو بنائي قتل ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو