يوٽيلٽي اسٽور جا ملازم ۽ پوليس آمهون سامهون، روڊ سيل، چڪريون

يوٽيلٽي اسٽور جا ملازم ۽ پوليس آمهون سامهون، روڊ سيل، چڪريون

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي بندش واري فيصلي تي ملازمن طرفان احتجاجي ڌرڻي جي دوران هڪ ملازم حياتي وڃائي ويٺو. اي سي اسلام آباد فرحان احمد ملازمن کان احتجاج ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر ملازمن انڪار ڪري ڇڏيو. ملازمن جو وڏو انگ ڊي چوڪ تي پهچي ويو آهي، پوليس ۽ احتجاج ڪندڙ ملازم آمهون سامهون آهن، پوليس واٽر ڪين جون گاڏيون به گهرائي ورتيون آهن. ڊي چوڪ، سرينا چوڪ ۽ نادرا چوڪ کي سيل ڪيو ويو آهي، ڊي چوڪ تي يوٽيلٽي اسٽور جي ملازمن ڌرڻو هڻي ڇڏيو آهي. ايمبيسي روڊ ۽ فضل حق روڊ کي به بند ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو