اسلام آباد(بيورو رپورٽ)يوٽيلٽي اسٽورز جي ملازمن کي رمضان بونس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعن ٻڌايو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز جي 10 هزار 303 ملازمن جي ڀرتين جي منظوري ڏني وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته رمضان گريجوئيٽي جي رقم 19 ڪروڙ 77 لک 57 هزار 700 رپيا آهي، گريجوئيٽي رمضان پيڪيج تي عملدرآمد لاءِ اضافي ڊيوٽي جي ڪري ڏني پئي وڃي.ذريعن موجب مستقل ۽ ڪانٽريڪٽ ملازمن کي هڪ شروعاتي بنيادي پگهار جي برابر بونس ملندو، جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورز تي روزاني اجرت ڪمائڻ وارن کي 25 هزار رپيا بونس ڏنو ويندو.










