اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان سميت سڄي ملڪ ۾ يوم دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو اڄ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.سيپٽمبر جي جنگ جي ويڙهاڪن ۽ شهيدن جرئت ۽ بهادريءَ جا لازوال داستان تخليق ڪيا جيڪي سڄي دنيا ۾ ياد رکيون وينديون.مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ڪجهه دير بعد منعقد ٿيندي، جڏهن ته نيول هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ شهيدن جي يادگار تي پڻ پروقار تقريب منعقد ڪئي ويندي.يوم دفاع تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ پاڪ فوج جي جوانن شهيدن ۽ سندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 6 سيپٽمبر 1965ع جي جنگ ثابت ڪيو ته بهادر قوم پنهنجي سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي.آءِ ايس پي آر موجب 6 سيپٽمبر تي مادر وطن جي هزارين پٽن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي پاڪ سرزمين جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻايو، اڄ پوري قوم سندن قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي.پاڪ فوج جي ترجمان موجب، اسان بحيثيت قوم سمورن شهيدن جي قربانين جا مقروض آهيون، جن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏنو.آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي هٿياربند فوج هر قسم جي اندروني ۽ بيروني خطرن خلاف وطن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
