لاهور (ويب ديسڪ) قمرزمان ڪائره چيو آهي ته ڪنهن به اجلاس ۾ اهو طئي نه ٿيو هو ته استعيفائون ڏيڻيون آهن. ڪيترائي اختلاف هوندا آهن پر ميڊيا ۾ ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن. ڪيتريون ئي ڳالهيون اشارن ۾ ڪيون وينديون آهن. اشارن ۾ رهڻ ڏيو.رپورٽ موجب پ پ اڳواڻ قمرالزمان ڪائره لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ ۾ اپوزيشن ملڻ گهرجي. گيلاني صاحب سينيٽ چونڊن ۾ سوڀ ماڻي. هن چيو ته آصف زرداري جون ڳالهيون ليڪ ٿيون پر اتي ٻيون به ڳالهيون ٿيون جيڪي ليڪ ناهن ٿيون. ڪهڙو اجلاس آهي جنهن ۾ ٿيندڙ ڳالهيون ليڪ ناهن ٿينديون. جيڪو ڪجهه به ٿيو مناسب نه ٿيو آهي اهو نه ٿيڻ گهرجي ها.قمرالزمان ڪائره چيو ته اسان ڳالهين لاءِ هر حد تائين وينداسين. آصف زرداري 14 سال جيلن ۾ رهيو ۽ تڪليفون برداشت ڪيون. اسان ڪوبه يو ٽرن نه پيا وٺون جيڪي ڳالهيون ٿيون ان کي ڇڏيو، اسان پنهنجي اصولن سان گڏ بيٺل آهيون. جيڪڏهن اسان واقعي حقيقي تبديلي جون ڳالهيون ڪريون ٿا ته سمورين پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي اچڻو پوندو. پي ڊي ايم ۾ طئي ٿيو هو ته فيصلا اتفاق راءِ سان ٿيندا. سي اي سي جي اجلاس کان پوءِ پارٽي پوزيشن واضح ڪنداسين.










