يمن جي حوثي باغين پاران اسرائيل خلاف حملا بند ڪرڻ جو اعلان

يمن جي حوثي باغين پاران اسرائيل خلاف حملا بند ڪرڻ جو اعلان

غزهه (ويب ڊيسڪ)يمن جي حوثين به اسرائيل خلاف حملا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.حوثي ترجمان موجب حوثي اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ معاهدي جو احترام ڪندا.ترجمان چيو ته غزه پٽي ۾ جنگبندي کانپوءِ اسرائيل تي ميزائل ۽ ڊرون حملا بند ٿي ويندا.ياد رهي ته غزه ۾ جنگ بندي جو معاهدو 3 مرحلن تي مشتمل هوندو، معاهدي جو پهريون مرحلو 6 هفتن تي مشتمل هوندو.پهرين مرحلي دوران اسرائيلي فوج پاڻ کي غزه جي سرحد اندر 700 ميٽرن تائين محدود ڪندي.جنگبندي جي هن مرحلي ۾ اسرائيل لڳ ڀڳ 2000 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪندو، جن ۾ 250 قيدي به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو