ياهو پاران غزه ۾ جنگ کانپوءِ سيڪيورٽي ڪنٽرول سنڀالڻ جو اعلان

يروشلم (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اعلان ڪيو ته هو جنگ کانپوءِ غزه جي سيڪيورٽي سنڀاليندو.اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ هو ته حماس سان جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ به اسرائيلي فوج غزه جي سڪيورٽي سنڀاليندي.نتنياهو غير ملڪي قوت کي ذميواري سونپڻ کي رد ڪندي چيو ته هو جنگ کان پوءِ غزه جو ڪنٽرول ڪنهن بين الاقوامي قوت جي حوالي نه ڪندو، ۽ اهو جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ ”فوج کان سواءِ ملڪ“ هجڻ گهرجي.نتنياهو وڌيڪ چيو ته غزه کي غير فوجي ڪرڻ جي هن ڪارروائي کي فقط هڪ فوج ڏسي سگهي ٿي ۽ اها اسرائيلي فوج آهي

پهنجو تبصرو موڪليو