وڏي وزير پوليو خلاف خصوصي مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ پوليو خلاف خصوصي مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو.ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڊاپ جي علائقي گلشن اکا خيل ۾ نئين ٺهيل ڊسپينسري ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي 24 ضلعن ۾ پوليو خلاف خصوصي مهم شروع ڪئي وئي آهي.هن انتظاميا ۽ پوليس کي هدايتون جاري ڪيون ته هو هيلٿ ورڪرز کي سيڪيورٽي ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪن.سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ صحت واري سيڪريٽري رحيم بلوچ پڻ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پوليو خلاف مهم بابت بريفنگ ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو