وڏي وزير پاران سمورن کاتن کي ڊجيٽل سسٽم سان ڳنڍڻ جي هدايت

وڏي وزير پاران سمورن کاتن کي ڊجيٽل سسٽم سان ڳنڍڻ جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته سيڪريٽريٽ سطح تي سمورن کاتن کي ڊجيٽل سسٽم سان ڳنڍيو وڃي.مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اي گورننس سسٽم بابت اجلاس ٿيو.اجلاس دوران سيڪريٽري آءِ ٽي بريفنگ دوران ٻڌايو ته اي سسٽم تيار ڪري سنڌ جي وڏي وزير کي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.مختلف ضلعن جي ڊي سي آفيسن کي اي سسٽم ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.سيڪريٽري جي آءِ ٽي چيو ته سکر ڊي سي آفيس جي سسٽم کي ڊيجيٽل ڪيو ويو آهي، جنهن جي بريفنگ مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي.اجلاس کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته اي گورننس سان ڪم بهتر ۽ بروقت ٿيندو، گڊ گورننس لاءِ ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو