ظفر مرزا
آبادي جي لحاظ کان پاڪستان هن وقت دنيا جو پنجون نمبر وڏو ملڪ آهي ۽ خطرناڪ بيمارين جي حوالي سان پاڪستان هڪ ڄار ۾ ڦاٿل آهي. ملڪ ۾ انساني صحت لاءِ خطرا تمام گهڻا آهن ۽ اهي جيئن پوءِ تيئن اڀار تي آهن. انهن عنصرن جو گڏيل اثر تمام ڏکوئيندڙ آهي. مايوسي واري اهڙي ماحول ۾ جيڪي زميني حقيقتون آهن انهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي جي ضرورت آهي.صحت جي حوالي سان جيڪي انگ اکر آهن اهي اسان کي ڪهڙي به طرح دنيا ۾ سرخرو ڪرڻ جو سبب نٿا بڻجي سگهن. 1947ع ۾ جڏهن اسان کي هڪ آزاد ملڪ ۾ رهڻ جو موقعو مليو ته اسان جي آبادي لڳ ڀڳ 36 ملين هئي جيڪا تيزي سان وڌندي هاڻي وڌي 220 ملين تائين پهتي آهي. جنهن تيزي سان اسان جي آبادي وڌي رهي آهي ۽ حڪومت جون سڀ تدبيرون ناڪام ثابت ٿي رهيون آهن، انهي کي مدنظر رکندي وڏو امڪان آهي ته سال 2050ع تائين يعني ايندڙ 27 سالن ۾ ملڪ جي ڪل آبادي 350 ملين تائين پهچي وڃي. دنيا جي پنجين وڏي آبادي هجڻ سان گڏ، اسان ايشيا ۾ به چوٿين نمبر تي آهيون. اسان جي صحت جي بدترين صورتحال جو اندازو انهي ڳالھه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جو ملڪ دنيا ۾ تازن ڄاول ٻارن جي موت جي شرح (NMR) جي حوالي سان ٻئي نمبر تي آهي، يعني هر 1,000 جيئرن ڄمندڙ ٻارن مان 40 نوان ڄاول ٻار 28 ڏينهن اندر مري وڃن ٿا. صرف ليسوٿو اهڙو ملڪ آهي جيڪو اسان کان اڳتي آهي جنهن جي NMR 44 آهي ۽ اسان ڏکڻ سوڊان سان گڏ آهيون جنهن جو NMR 40 آهي. فنلينڊ جو NMR 1 آهي ۽ ايران جو 8 آهي. پاڪستان ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جا 37.6 سيڪڙو ٻار غير صحتمند آهن. عالمي سطح تي، اسان ان حوالي سان تيرهين نمبر تي آهيون. اسان کان هيٺ صرف آفريڪا کنڊ جا غريب ترين ملڪ آهن. غذائي کوٽ جي ڪري جسماني ۽ ذهني ڪمزوري ٿيندي آهي ۽ جيڪڏهن زندگيءَ جي پهرين هزار ڏينهن يعني ٽن سالن جي عمر ۾ علاج ۽ غذا نه ملي ته اهو ناقابل واپسي ٿي ويندو آهي. ايران ۾ اسٽنٽنگ جو سيڪڙو صرف 4.8 آهي. 2018ع ۾ 15-49 سالن جي عورتن جو 42 سيڪڙو، يعني پيدائش واري عمر جي عورتن ۾ آئرن ۽ خون جي گھٽتائي هئي، جنهن ڪري انهن مائرن کي پيدا ٿيندڙ گهٽ وزن وارن ٻارن ۾ هڪ وڏو سبب آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ٻار ڄڻڻ کان پوءِ زچگي جي موت جو خطرو پڻ وڌي ويندو آهي. اهڙن گھڻن گھٽ وزن وارن ٻارن جي بعد ۾ واڌ رڪجي وڃي ٿي. عورتن ۾ آئرن رت جي گھٽتائي کي مڪمل طور تي علاج جي ذريعي روڪي سگهجي ٿو. دنيا ۾ صرف ٻه ملڪ افغانستان ۽ پاڪستان آهن جيڪي پوليو وائرس کي مڪمل روڪڻ ۾ ناڪام ويا آهن. اها بيماري اسان جي ٻارن کي اپاهج بڻائي انهن جو مستقبل تباهه ڪري رهي آهي. اربين ڊالر خرچ ٿيڻ جي باوجود پاڪستان ۽ افغانستان دنيا کي پوليو کان پاڪ ٿيڻ کان روڪي رهيا آهن. ايران جيڪو ٻنهي جو پاڙيسري ملڪ آهي تنهن 2004ع ۾ پوليو جو خاتمو ڪيو جڏهن ته هندستان 2014ع ۾ ڪيو. هڪ اندازي مطابق پاڪستان ۾ 10 ملين ماڻهو هيپاٽائيٽس سي کان متاثر آهن. پاڪستان هاڻي هن وائرس کان متاثر ماڻهن جي سڀ کان وڏي آبادي جو گهر آهي. مطلب پاڪستان چين، هندستان ۽ نائيجيريا کان به اڳيان نڪري چڪو آهي. هي روڪي سگهجندڙ بيماري آهي ۽ هڪ ڀيرو تشخيص ٿيڻ بعد، ان جي علاج لاءِ سستيون دوائون ميسر آهن جيڪي 98 سيڪڙو تائين موثر آهن. هيپاٽائيٽس سي ۽ رت مان پيدا ٿيندڙ ٻين بيمارين جو هڪ ڪارڻ ڊسپوزيبل سرنج جو ٻيهر استعمال آهي. پاڪستان ۾ انجيڪشن جي استعمال جا انگ اکر حيران ڪندڙ آهن: دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ انجيڪشن پاڪستان ۾ ڏنيون وڃن ٿيون، يعني هر سال 8-10 انجيڪشن في ماڻهو کي لڳن ٿيون انهن مان 94 سيڪڙو جي ضرورت ئي نه هوندي آھي. انجيڪشن جي وڌيڪ استعمال ۾ اسان وٽ مريض جي نفسيات، عطائين جي ڀرمار ۽ پئسي جي پوڄاري ڊاڪٽرن جي غير اخلاقي ۽ غير انساني روين جو دخل آهي.
پاڪستان ۾ سلھه جي مريضن جو به وڏو تعداد آهي، هر سال ٽي بي جا 510,000 نوان ڪيس سامهون اچن ٿا ۽ لڳ ڀڳ 15,000 مريض دوا خلاف مزاحمتي ٽي بي جو سبب بڻجن ٿا. هڪ اندازي مطابق اسان عالمي سطح تي ڪافي دوائن جي مزاحمتي ٽي بي جي معاملي ۾ چوٿين نمبر تي آهيون. هن وقت پاڪستان ۾ هڪ اندازي مطابق 190,000 ماڻهو ايڇ آءِ وي سان زندگي گذاري رهيا آهن. فلپائن کان پوءِ اسان وٽ ايشيا ۾ ايڇ آءِ وي جي ڪيسن ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ جي شرح آهي، يعني 2010ع ۽ 2020ع جي وچ ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. لڳ ڀڳ 25,000 نوان ڪيس هر سال ظاهر ٿي رهيا آهن. اهڙا مثال پاڪستان جي ماڻهن جي ابتر صحت جي عڪاسي ڪن ٿا. اهي سموريون بيماريون شروعاتي سطح تي روڪي سگهجن ٿيون پر جيڪڏهن هڪ دفعو اهي بيماريون پنهنجي جڙ پڪڙي وٺن ته پوءِ نه ته اهي روڪي سگهجن ٿيون ۽ نه ئي انهن جو صحيح علاج ٿي سگهي ٿو. نه صرف ايترو پر صحت لاءِ خطرا هر طرف کان وڌي رهيا آهن. مناسب غذائيت جي کوٽ، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ صاف هوا جي عدم دستيابي وارا عنصر اسان لاءِ مستقبل ۾ اڃان به سنگين مسئلا پئدا ڪري سگهن ٿا. صحت جي ماحولياتي آلودگي جو تعين ڪندڙن ادارن جي رپورٽ موجب پاڪستان دنيا جو چوٿون آلودگي وارو ملڪ بڻجي ويو آهي، ۽ لاهور کي هاڻي ڌرتيءَ تي سڀ کان وڌيڪ آلودگي وارو شهر هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. پاڪستان ۾ تماڪ جي استعمال جو رجحان تمام گھڻو آھي. انهي حوالي سان اسان جو شمار دنيا جي 15 ملڪن ۾ ٿئي ٿو جن ۾ تماڪ جي وڏي پئماني تي استعمال ۽ ان سان لاڳاپيل صحت جي مسئلن جو تعلق آهي. 2019ع جي هڪ سروي مطابق آبادي جو 19.1 سيڪڙو يعني لڳ ڀڳ 42 لک بالغ، جن ۾ 31.8 سيڪڙو مرد ۽ 5.8 سيڪڙو عورتون شامل آهن، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ تماڪ جو استعمال ڪن ٿا. پاڪستان ۾ موجوده سراسري زندگي جي شرح 67.7 سال آهي. 149 ملڪن ۾ سراسري زندگي جي شرح اسان کان وڌيڪ آهي، جن ۾ ڪيترائي غريب آفريڪي ملڪ به شامل آهن. هڪ سراسري پاڪستاني هانگ ڪانگ وارن جي ڀيٽ ۾ 17.3 سال گهٽ جيئرو رهي ٿو، جن جي زندگيءَ جي اميد سڀ کان وڌيڪ آهي، يعني 85.2 سال. هڪ سراسري پاڪستاني جي عمر هڪ سريلنڪن کان لڳ ڀڳ 10 سال گهٽ آهي، هڪ ايراني کان 9 سال گهٽ، هڪ چيني کان ست سال ۽ بنگلاديش يا ويٽنامي کان پنج سال گهٽ آهي. اسان جون زندگيون ايترو گهٽ ڇو آهن ۽ اسان جو معيار ايترو بدتر ڇو آهي؟ انهي جو جواب انتهائي سادو آهي پر ڏکوئيندڙ آهي. ڇو ته هڪ رياست جي حيثيت سان اسان عوام جي صحت کي ڪڏهن به اوليت نه ڏني آهي. جيڪو روڪڻ لائق آهي اسان ان کي نه روڪيو آهي ۽ جيڪو علاج لائق آهي اسان نه ته ان جو علاج ڪري رهيا آهيون ۽ نه ئي اسان جي سنجيدگي آهي. حاصل مقصد هي سڀ گنڀير مسئلا اسان جا ئي پئدا ڪيل آهن جن ۾ ملڪ جو غريب عوام ولوڙجي رهيو آهي.
(ڊيلي ڊان جي ٿورن سان)










