ويڪسينيشن سان ئي وبا مان ڇوٽڪارو ممڪن آهي!

ليکڪ محمد اظهر رند

ڪورونا وبا کي شروعاتي ڏينهن ۾ ان کي روڪڻ لاءِ ڪيترائيءَ احتياطيءَ تدابيرون تي عمل ڪيو ويو جنهن ۾ منهن تي ماسڪ 6 فٽن جو مفاصلو سينيٽائيز جو استعمال هٿ نه ملائڻ کان پاسو ڪرڻ وغيرهه جهڙا تدابيرون کي استعمال ڪندا رهيا جيستائين ڪورونا وبا جي علاج جو مڪمل حل نڪري ايستائين پوريءَ دنيا جا ملڪ اهڙي طرح سان هن وچڙندڙ موذي مرض مان پاڻ کي بچائيندا رهيا آهن هن وبا جي ڪري جتي معاشيءَ نقصانات ٿيا آهن جنهن ۾ معشيت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو بيروزگاري جنم ورتو تعليم جو ڦيٿو جام ٿيو اتي ماحوليات ۾ آلودگيءَ جي گهٽتائيءَ آئي آهي جنهن سان دم ساهه جون بيماريون تناسب گهٽ ٿيو آهي ڪورونا وبا جي علاج لاءِ ويڪسين جو ٺاهڻ سان ڪيتري حد تائين هن وبا کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو هن ويڪسي نيشن کي ڪيتريون افواهون گردش ڪري رهيو آهن ته هن جي لڳائڻ سان ٻه سالن تائين انسان زندهه رهي سگهي ٿو اهڙن ڪوڙين خبرن جي عالمي اداريءَ سميت هتان جي سرڪار زور ڀريو آهي ته اهي ڪوڙيون خبرون آهن هنن ۾ ڪابه صداقت ناهي ڪورونا وبا جي ويڪسين جي هن موذي مرض جي علاج جو اهو ئي حل آهي اهو به دينا ۾ ڪيترايون بيماريون جنم ورتو آهي جيڪي  ڪيترائين ملڪن ۾ ان وبا جو تصور ئي نالو نشان ئي گم ٿي ويو آهي پر هن ملڪ ۾ اڃان ان بيماريون جون جڙون زندهه حيات آهن جنهن ۾ پوليو جيڪو انسان کي اڌ مئو ڪري ڇڏي ٿو جنهن جا مريض هن ملڪ ۾ ملندا اهڙي طرح سان سهڪو جنهن کي ٽي بي چئون ٿا اهو ڪورونا وبا کان به خطرناڪ آهي انهن جو به علاج  دريافت ٿيڻ کان اڳ هن به دنيا ۾ لکن جي تعداد ۾ انسان موت جو کاڄ بڻيا ارڙي ماتا وغيرهه جو ٽڪو هوندو آهي اهڙي طرح سان هي ڪورونا وبا جي خاتمي لاءِ ويڪسين تيار ڪئي وئي آهي هن ويڪسين جي رقم 8449 روپيا  (54 ڊالر ) آهي جيڪا سرڪار مفت ۾ لڳرائي رهي آهي جنهن جو عمل پوري ملڪ ۾ هلندڙ آهي هن وبا جي سارسنڀال ڪندڙ ادارو نيشنل ڪمانڊو اينڊ آپريشن سينٽر ( اين سي او سي ) جي انگ اکر مطابق هن مهينيءَ 17 جون تائين 31 لکن کان وڌيڪ ماڻهون کي ويڪسين جا ٻئي ڊوز جڏهن ته 62 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي هڪ ويڪسين جو ڊوز لڳايو ويو آهي هن ويڪسي نيشن جي شروعاتي وقت ۾ 40 سالن جي ڄمار ماڻهون کي هي ڊوز لڳايو پئي ويو ته ان وقت سينٽرن تي رش نالي ماتر هئي ۽ جڏهن حڪومت 18 سالن جي عمر ماڻهون کي هن جو ڊوز لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو ته موجودهه وقت ۾ سينٽرن تي تمام گهڻي رش نظر اچي رهي آهي ۽ ڪيترائين سينٽرن تي هن وبا جو ڊوز ختم ٿيڻ ڪري ايندڙ ماڻهون مايوس ٿي وڃن پيا جنهن جو سرڪار نوٽيس وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته پهريون ۽ ٻيون ڊوز ٻئي لازمي آهن جيڪڏهن هڪڙو لڳي ٻيو دير سان ته اثر گهٽ ٿي ويندو جنهن تي سرڪار کي هن اهم مسئلي تي ترت اپاءُ وٺي ڪري جيڪا کوٽ آهي اها ختم ٿيڻ گهرجي جئين هن ملڪ مان ڪورونا وبا جو خاتمو اچي سگهجي ۽ ملڪ جي معشيت جيڪا ٻاڙائيءَ ۾ آهي اتان نڪري ڪري خوشحالي طرف منزل اختيار ڪري ۽ هن موذي مرض مان ڇوٽڪارو ملي سگهي.

azharrind1@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو