ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ويسٽ انڊيز جي پاڪستان جي دوري جي تفصيلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پي سي بي آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي ٻن ميچن لاءِ ويسٽ انڊيز جي مرد ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان دوري جي تفصيلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.تفصيل موجب ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ڪراچي ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ٽيسٽ کي ملتان منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ٻئي ٽيسٽ ميچون ملتان ۾ کيڏيون وينديون. ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم 6 جنوري تي اسلام آباد پهچندي ۽ 10 کان 12 جنوري تائين راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان شاهينز خلاف 3 ڏينهن واري ميچ کيڏڻ کانپوءِ ملتان ۾ پاڪستان خلاف سيريز جي ٻئي ٽيسٽ کيڏندي.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 17 کان 21 جنوري تائين کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ٽيسٽ 25 کان 29 جنوري تائين کيڏي ويندي.










