وومين ٽيم پهريون ڀيرو نيوزيلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز کٽي ورتي

ڊنيڊن (ويب ڊيسڪ)پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ ۾ تاريخي فتح سان ڪيويز خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽي ورتي.وومينز جي ٻئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي 10 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي.پاڪستان جي 137 رنسن جي جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 127 رنسن تي ڍير ٿي وئي.پاڪستان جي فاطمه ثناءَ آخري اوور ۾ 17 رنسون ٺاهي دفاع ڪيو.قومي وومين ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 137 رنسون ٺاهيون. عاليا رياض 32 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي، جڏهن ته منيبا علي 35 رنسون ٺاهيون.جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 7 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسون ٺاهي سگهي. فاطمه ثنا 3 ۽ سعديه اقبال 2 وڪيٽون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو