وفاق ۽ مخالف ڌُر جي ويڙھاند ۾ غير محفوظ بڻيل غريب عوام

وفاق ۽ مخالف ڌُر جي ويڙھاند ۾ غير محفوظ بڻيل غريب عوام

تحريرمحمد اسماعيل لانگاھ 

اهاڳالھ بلڪل حق بجانب آهي ته ملڪ جي چئني صوبن ۾ امن امان مهانگائي سميت ٻين مسئلن جو ڪريڊٽ صرف ن ليگ حڪومت وٽ آهي ڇو ته سياست پنهنجي مفادن نه پر عوامي مفادن خاطر ٿيڻ کپي ۽ اهو طريقيڪار صرف ن ليگ وٽ آهي سياسي تجربن آڌار ملڪ ۾ عوامي خدمت تي ن ليگ ئي يقين رکي ٿي عوامي جذبن جي احساسن واري  حڪمراني کي حقيقي سياست  ۽ حڪمراني چئبو آهي ٻين مسئلن کي ڇڏي جڏھن ڳالھ ڪجي امن  امان جي ته دنيا جون اهي قومون ۽ ملڪ سُڌريل آهن جتي سئو فيصد امن امان بحال هجي ٿو ماڻھن جون جانيون مال ملڪيتون محفوظ ھُجن ٿيون امن کانسواء ڪوبه معاشرو ماڻھون علائقو, ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين عوام الناس جون عزتون محفوظ نه هجن ته انکي حڪمراني ڪيئن چئجي ن ليگ جي سابق حڪمراني ۾ جڏھن سڄو ملڪ دهشتگردي جي باه ۾ پچي رهيو هو بم ڌماڪا,اغوا قتل وغارتگري, معصوم نياڻين سان ناجائزيون ڪيون پئي ويون ته ن ليگ حڪومت امن جي بحالي لاء سيڪيورٽي فورس سان لاڳاپيل تمام ادارن ۽ پوليس کي هينڊ فري ڏئي امن کي خلل ۾ وجهندڙ عنصرن خلاف فوري طور ڪاروائي جي حڪم تحت فل فراء ۽ ھاف فراء جو جڏھن آرڊر ڏنو ته دنيا ڏٺو ته جيڪي ڏوهاري هڪ مزدور جيان ڏھاڙين تي ڏوھ ڪندا هئا انهن کي نيست ۽ نابود ڪيو ويو ايتري قدر انهن ڏوهارين جاحوصلا پست ڪيا ويا جو هو ازخود قانون اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿيا, نه رڳو ملڪي پر غير ملڪي دشمنن به ملڪ جو امن تباه ڪري ڇڏيو هو ڪيرائي تي ملڪ جي ڏوهاري ماڻھن کان ڏوه ڪرايا ويندا هئا جنهن سان هزارين بيگناهن جو خون وهايو پئي ويو, ۽ جڏھن ملڪ جي تاريخ جو پهريون افسوسناڪ دهشتگرد واقعو پشاور آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيو جنهن ۾ ظالم دهشتگردن ظلم جي تاريخ لکندي اسڪول جي اسٽاف سميت معصوم گلن جهڙن ٻارڙن جا سينا گولين سان پروڻ ڪيا, ۽ عين ان وقت اسان جي سيڪيورٽي فورس جي بهادر جوانن وڏي جرئتمندي سان انهن کي جهنم واصل ڪيو اهڙي طريقي سان ڪيتريون ئي اهڙيون دهشگرد وارداتون ٿيون جنهن ۾ اسان جي ملڪ جو امن بگاڙڻ ۾ ملڪي توڙي غير ملڪي عنصرن جو وڏو هٿ هيو انکانپوء ملڪ جي ڪاروبار ۽ ترقي کي وڏو ڇيهو رسيو, غريب ماڻھن جو گهرن مان نڪرڻ محال ٿي ويو هو ڏينهن ڏٺي وچ بازارن ۽ شهرن مان ماڻھن کي کنڀيو پئي ويو مزاحمت ڪندڙ ماڻھن جا لاش روڊن تي رلندا رهيا اهڙي اذيت ناڪ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء ن ليگ حڪومت ۽فوج جي سپه سالار ڀرپور ڪاروائي لاء ضرب عزب نالي آپريشن جو اعلان ڪيوان آپريشن جو اثرائتو فائدو پوري ملڪ جي عوام چئني صوبن ۽ خاص طور ملڪ جي وڏي شهر ۽ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي تائين محدود رکيو ويو, جتي ماڻھون ساھ به دهشتگرد عنصرن جي آرڊر مطابق کڻندا هئا, ڪراچي کي رت سان لت پت ڪيو ويو پر عوام کي اهو بلڪل يقين نه هو ته ڪو ملڪ ۾  ايترو پائيدار امن عوام کي پلئه پوندو سو ڳالھ ڪجي ٿي موجوده حڪومت جي سياسي بُحران ۽ انجي خراب اثرن ۾ ڀوڳيندڙ عوام جي تازو سنڌ سرڪار سنڌ صوبي اندر پوليس کاتي ۾ وڏي پئماني تي تبديلين جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي ان ۾ امن جي بهتر ٿيڻ بجاء سنڌ اندر وڏي پئماني تي امن امان جي صورتحال تمام خراب ٿي ويئي آهي, هر ننڍي وڏي شهر ۾ اها رات خالي ناهي جتي ڪنهن غريب ۽ مسڪين جو گهر لٽيو ڦريو نٿو وڃي ڇو ته خراب امن جو وڌيڪ اثر غريب طبقي مٿان پوي ٿو جنهن جي پهچ نه ڪنهن سياسي, نه ڪنهن پوليس عملدار, نه ڪنهن وڏيري يا ڀوتار تائين هجي ٿي جنهن سبب هن وقت غريب طبقو انتهائي پريشاني واري عالم ۾ مبتلا آهي, ملڪ جي گرما گرم سياسي ماحول ھلندڙ ويڙھاند جو سڀ کان وڌيڪ نقصان پيڙھيل طبقو ڀوڳي ٿو حڪمرانن جي ويڙھاند جو وجھ وٺي ملڪ ۾ ڏوهارين غريبن لاء تر تپائي ڏنو آهي, پوليس کاتي ۾ اعلي آفيسرن تائين ٿيل تبديلن ۽ قانون کي متحرڪ ڪرڻ جو ڪوبه غريبن کي رليف ملڻ مشڪل ٿي ويو, ڏوهارين اڳيان پوليس عملدار بلڪل بيوس ٿي ويا آهن ۽ اسان جي ملڪ جي قانون جي رکوالي ڪندڙ ادارن ۾ جڏھن به تبديليون ڪيون وينديون آهن ته انهن جا ٻه سبب ئي ٿي سگهن ٿا يا ته اهي تبديليون سياسي مفادن خاطر ڪيون وڃن ٿيون يا ته اهي خاص طور عوام الناس جي شڪايتن ۽ امن خاطر ڪٿين ٿيون , ٻين صوبن ۾ امن جي صورتحال ڪهڙي به هجي پر خاص طور سنڌ تي نظر رکڻ جي حوالي سان آفيسر شاهي جون تبديليون عوامي نه پر سياسي بنيادن آڌار ڪيون وڃن ٿيون جنهن مان عوام کي فائدي جي ڪابه اميد نه هوندي آهي تازو ملڪ جي بگڙيل صورتحال ۽ سنڌ ۾ پوليس جون ايس ايس پيز سطح تائين ٿيل بدليون ۽ ترت پوء بدامني جي لهر پکڙجڻ سان ايئن لڳي رهيو آهي ان ردوبدل پويان سياسي مفاد آهن جنهن ڪري عوام جي پريشانين ۾ اضافو ٿي ويو آهي ملڪ جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت پوليس ۽ سنڌ سرڪار کي هن وقت فوري طور امن جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاء پهرين جيان ڏوهارين خلاف سخت قانوني ڪاروائيون ڪري عوام جي جاني توڙي مالي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي 

پهنجو تبصرو موڪليو