ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان گڏ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي.اجلاس کي بلوچستان ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام، اينٽي نارڪوٽڪس آپريشن، پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي، غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي واپسي بابت به بريفنگ ڏني وئي.بلوچستان حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي اڳڀرائي تي اعتماد جو اظهار ڪيو، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي صوبي جي امن ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ناگزير آهي. هن چيو ته بلوچستان معدنيات سان مالا مال آهي، معدنيات جي شعبي ۾ ترقي سان معاشي سرگرميون ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، زراعت ۽ آءِ ٽي ۾ سيڙپڪاري تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو.هن چيو ته ايس آءِ ايف سي پاران کنيل قدمن سان سڄي ملڪ جي عوام متاثر ٿيندي.آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته غير قانوني سرگرمين خلاف آپريشنز لاءِ مڪمل سهڪار ڪيو ويندو، وسيلن جي ڦرلٽ ڪري ملڪ کي ٿيندڙ معاشي نقصانن کي روڪيو ويندو،صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ بلوچستان جو نگران وڏو وزير علي مردان ڊومڪي به شرڪت ڪئي.
