وزيراعظم ڪراچي کي 150 بسون ڏيڻ جو واعدو پورو ڪري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي جي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته وزيراعظم ڪراچي جي دوري ۾ 150 بسون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو انهي کي پورو ڪري.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ايندڙ هفتي کان شهيد بينظير آباد ۾ پيپلز بس سروس شروع ٿي ويندي. اسان ڪراچي ۾ هاڪس بي کان ٽاور تائين پيپلز بس سروس جو نئون روٽ شروع ڪري رهيا آهيون، چاڪيواڙه ۾ به پيپلز بس سروس جو نئون روٽ شروع ڪيو آهي، هن چيو ته ڪراچي، لاڙڪاڻو، حيدرآباد، ميرپورخاص ۾ پيپلز بس سروس هلي رهيون آهن. نوابشاهه ۾ سڀاڻي پيپلز بس پهچي ويندي. ييلو لائين سڀني کان وڏو ۽ اهم پروجيڪٽ آهي. ڪراچي ۾ وڌيڪ اليڪٽرڪ بسون آڻينداسين. سعدي ٽائون کان ٽاور جو 36 ڪلو ميٽر نئون روٽ شروع ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته ريڊ لائين ۽ بي آر ٽي نگران حڪومت جون ڪوتاهيون هيون، وزيراعظم ڪراچي جي دوري ۾ 150 بسون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ان کي پورو ڪري، بجيٽ ۾ 150 بسون نظر نه آيون.صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ جعلي نمبر پليٽ لڳائيندڙن خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. اڻ رجسٽرڊ گاڏي وڪرو نه ٿيندي. اڻ رجسٽرڊ گاڏي واري تي 10 لک روپين جو ڏنڊ هوندو. جعلي نمبر پليٽ وارين گاڏين جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. جعلي نمبر پليٽ ٺاهيندڙ دوڪانن جي خلاف به آپريشن ٿيندو. جعلي سرڪاري نمبر پليٽ لڳائيندڙن تي ايف آءِ آر ڪٽي ويندي. رجسٽرڊ ٿيڻ کان سواءِ ڪابه گاڏي شوروم کان ٻاهر نه نڪرندي.هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته عمر ايوب ڊڪٽيٽر جي پيداوار آهي، عمر ايوب نادار ۽ بيوقوف ماڻهو آهي، عمر ايوب کي خبر نه آهي ته صدر آصف زرداري 12 سال جيل ۾ رهيو، مون سميت پيپلز پارٽي جو ڪوبه اڳواڻ نيب جو بينيفشري نه رهيو. عمران خان ۽ ان جي ڀيڻ ايمنسٽي اسڪيم ورتي.هن چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي خلاف پوليس آپريشن ڪري رهي آهي. انهي کان علاوه سنڌ حڪومت سڀني کان وڏو هائوسنگ منصوبو ٺاهي رهي آهي. اسان جي ڪارڪردگي ۾ روزاني اڳڀرائي ٿي رهي آهي. اسان جي 100 ڏينهن جي نه پر هڪ هزار ڏينهن جي ڪارڪردگي آهي. مان 100 ته ڇا پر 1000 ڏينهن جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪري سگهان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو