وزيراعظم ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو

رياض (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف وفد سان گڏ ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو. وزيراعظم پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 859 ذريعي لاهور کان مديني شريف روانو ٿيو، وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سميت 31 ڄڻن تي ٻڌل وفد روانو ٿيو. وزيراعظم شهباز شريف جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهريون پرڏيهي دورو آهي.پرڏيهي ترجمان موجب وزيراعظم 6 کان 8 اپريل تائين سعودي عرب ۾ وفد سان گڏ عمرو ادا ڪندو، سندس سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات جو به امڪان آهي، وزيراعظم سعودي ولي عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو