وزيراعظم سعودي عرب پهچي ويو، اهم شخصيتن سان ملاقاتون

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري سعودي عرب روانو ٿي ويو، جتي هو سعودي ولي عهد سميت اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري تي روانو ٿيو، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب به وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ روانا ٿيا.وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.وزيراعظم شهباز شريف دوري دوران سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران سيڙپڪاري ۽ ولي عهد جي پاڪستان دوري بابت ڳالهيون ڪيون وينديون.وزيراعظم شهباز شريف جي آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽالينا جارجيوا سان به ملاقات جو امڪان آهي، جنهن دوران نئين اقتصادي پيڪيج بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي عرب جي دوري دوران بل گيٽس سان ملاقات جو به امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو