وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي، استعيفيٰ جي منظوري جو عمل 31 آڪٽوبر کان ٿيندو اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نگران وزيراعظم هڪ مهيني واري نوٽيس جو مدو به ختم ڪري ڇڏيو ڊاڪٽر توقير شاهه پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي گريڊ 22 جو آفيسر آهي، ڊسمبر 2022ع ۾ رٽائرمنٽ تي پهچڻ بعد کيس ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي سروس ۾ هڪ سال جي واڌ ملي هئي

پهنجو تبصرو موڪليو