اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي(بي اين پي) جي سربراهه طارق رحمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن دوران عام چونڊن ۾ تاريخي ۽ شاندار ڪاميابي تي کيس مبارڪباد پيش ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف ڳالهين جي دوران پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائرانه لاڳاپن کي ياد ڪندي انهي ارادي جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندي.هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ بنگلاديش سان ويجهي تعاون جو خواهشمند آهي انهي سلسلي ۾ هڪ ٻئي جي خودمختار برابري ۽ احترام کي مڪمل طور تي آڏو رکيو ويندو.وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ۽ وسيع هوندا. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف طارق رحمان کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت به ڏني.ياد رهي ته بنگلاديش جي اليڪشن ڪميشن طرفان جاري نتيجن موجب 299 سيٽن تي ٿيل چونڊن ۾ بي اين پي 212 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته جماعت اسلامي 77 سيٽن تي ڪاميابي سان ٻئي نمبر تي آهي.










