وزيراعظم جو دهشتگردي بابت ڏنل رقم وارو بيان ڪوڙو آهي،سيف

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته صوبي کي دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ 590 ارب رپيا نه ڏنا ويا آهن، ان حوالي سان وزيراعظم جو بيان سراسر ڪوڙ آهي.وزير اعظم شهباز شريف جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي بئريسٽر سيف الله چيو ته اها رقم 2010 ۾ سوات آپريشن کانپوءِ تعمير ۽ بحالي جي ڪمن تي خرچ ڪئي وئي.هن چيو ته اين ايف سي تحت بقايا اڃا تائين نه مليا آهن.بئريسٽر سيف وڌيڪ چيو ته آپريشن حل جي حوالي سان فوج ۽ عوام وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو