ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اغوا ۽ قتل ٿيل شهري ريحان احمد جي لاش سندس فليٽ مان هٿ آئي آهي.
گرفتار جوابدار فيصل اڪرم جي هدايت تي مقتول جو لاش ابوالحسن اصفهاني روڊ تي هڪ فليٽ مان مليو. پوليس موجب مقتول ريحان احمد 11 اپريل کان گم هو. جوابدار فيصل ريحان کي چيپل گارڊن ۾ جوابدار ضياءُ الله جي حوالي ڪيو.
جاچ دوران، جوابدار انڪشاف ڪيو ته ريحان کي تشدد ڪرڻ کان پوءِ فليٽ ۾ بند ڪيو ويو هو. مقتول ريحان احمد ليبارٽري مشينن لاءِ سيلزمين طور ڪم ڪندو هو. 11 اپريل تي، ريحان پنهنجي ڪار ۾ ڪنهن ڪم تي ويو هو ۽ واپس نه آيو.
پوليس موجب، مقتول ريحان احمد جوابدار فيصل اڪرم سان گڏ ڪار ۾ ويو هو، ريحان احمد جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ جاچ شروع ڪئي وئي. جاچ دوران فيصل کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ۽ جوابدار حقيقتون ظاهر ڪيون.
جوابدار فيصل چيپل گارڊن ۾ ريحان احمد کي جوابدار ضياءُ الله عرف نجيب عرف حيدر جي حوالي ڪيو. جوابدار ضياءَ سان گڏ فليٽ ۾ ٽي کان چار ٻيا ساٿي به موجود هئا. جوابدار ريحان تي تشدد ڪيو ۽ پوءِ کيس فليٽ ۾ بند ڪري ڇڏيو.
جوابدار فيصل جو چوڻ آهي ته جوابدار ضياءُ الله کيس سهراب ڳوٺ پل تي ڇڏي ويو ۽ هو نيو ڪراچي ۾ پنهنجي گهر هليو ويو، جوابدار جي اشاري تي چيپل گارڊن ۾ بند فليٽ کوليو ويو ۽ اتان ريحان جي لاش هٿ ڪئي وئي.
جوهر آباد پوليس جو چوڻ آهي ته انهن سڀ ثبوت گڏ ڪيا آهن، ۽ آپريشن ۽ جاچ پوليس ڪيس تي گڏجي ڪم ڪري رهي آهي.










