ڪراچي (رپورٽر) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران ملازمن جي ڀلائي ۽ بھتري جي حوالي سان اهم قدم کڻندي ڊائو اسپتال جون خدمتون بحال ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڊائو اسپتال انتظاميا کي 50 ملين روپين جون ادائيگيون جاري ڪري ڇڏيون، ان حوالي سان ڊي ايم ڊي فنانس سيد عمران اقبال زيدي ٻڌايو تہ گذريل ڏينھن سي اي او واٽر ڪارپوريشن ملازمن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ وائيس چانسلر ڊائو اسپتال سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ کيس فوري طور تي 50 ملين ادا ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو تہ وڌيڪ ادائگيون شيڊول جي مطابق ڪيون وينديون ۽ ان حوالي سان فنانس ڊپارٽمينٽ واٽر ڪارپوريشن اڄ 50 ملين روپين جا پي آرڊر ڊائو اسپتال انتظاميا جي حوالي ڪري ڇڏيا آھن، انشاءَ الله ڊائو اسپتال ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ پنھنجون سموريون خدمتون بحال ڪري ڇڏيندو ان کان علاوه ديواگو جي سروسز پڻ اڄ کان بحال ٿي ويندي، ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ سي اي او واٽر ڪارپوريشن جي ذاتي دلچسپي ۽ سندس خاص هدايتن تحت سمورن حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ ملازمن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اھيو اھم قدم کنيو ويو آھي، ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جو چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن جي حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ ملازمن جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ سميت انهن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ان حوالي سان انتظاميا پاران ملازمن جي بهتري ۽ ڀلائي جي لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن.










