اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته هٿيار کڻندڙ، ماڻهن کي شهيد ڪندڙ هن ملڪ جا دشمن آهن.بئريسٽر گوهر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته دهشتگردي ۾ ڀارت جو هٿ آهي، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪا به جاءِ ناهي.هن چيو ته ڪنهن به دهشتگرد کي لڪائڻ جي جاءِ نه ملندي، شهيدن جو رت ڪڏهن به رائگان نه ويندو.ان کان علاوه، پي پي پي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته بي هٿيار ماڻهن کي مارڻ کان وڏو ڪو به ظلم ناهي.هن چيو ته دهشتگردي پاڪستان جي عوام کي تمام گهڻو ڏک پهچايو آهي، دهشتگردي هڪ ناانصافي آهي جيڪا خوشحالي ۽ ترقي کي تباهه ڪري ٿي.










