هيٽ ويوو سبب ميٽرڪ جا امتحان ملتوي

هيٽ ويوو سبب ميٽرڪ جا امتحان ملتوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گرمي جي لهر کي نظر ۾ رکندي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ انٽر جا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جي سفارش تي انٽرميڊيٽ جا امتحان ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏني. ترجمان جو چوڻ آهي ته انٽر جا امتحان 22 مئي بدران 27 مئي کان شروع ٿيندا.يونيورسٽين ۽ بورڊز امتحانن جي تاريخ ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.ياد رهي ته پنجاب ۽ سنڌ جا ميداني علائقا شديد گرمي جي لپيٽ ۾ آهن، موسميات کاتي طرفان هيٽ ويو الرٽ به جاري ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو