هيٽ اسٽروڪ سبب وڌيڪ 6 ڄڻا فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.سنڌ جي صحت کاتي موجب 29 ۽ 30 جون تي هيٽ اسٽروڪ سبب 6 ڄڻا فوت ٿيا آهن.سنڌ جي صحت کاتي ٻڌايو آهي ته عباسي شهيد اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.سنڌ جي صحت کاتي جو اهو به چوڻ آهي ته ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي.سنڌ جي صحت کاتي موجب شهر قائد ۾ 21 کان 30 جون تائين هيٽ اسٽروڪ سبب فوتگين جو انگ 45 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو