ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ناليواري ستارن جي علم جي ماهر ڀڳوانداس جٽيا هندي ايسٽرولاجي واري لال ڪتاب جي آڌار تي پيشنگوئي ڪئي آهي ته آ، ا ، ل ۽ چي، نالي وارن جي طالع ۾ سعد ستارو مشتري داخل ٿيڻ جي ڪري 5 جولائي کان 4 اگست تائين سياسي ، سماجي ، قانوني معاملن تي دسترس حاصل ٿيندي. مٿي ڄاڻايل لفظن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن جي گھريلو، نوڪري ۽ ڪاروبار ۾ بهتري ايندي. دوستن جي مدد سان رڪيل ڪم ٿيڻ جا امڪان آهن ڀرپور ڪوشش سان ڪاميابي جا امڪان آهن مالي طور به فائدو ٿيندو، تعليم يا ڪنھن به شعبي ۾ خوشخبري ملندي. مٿي ڄاڻايل اکرن سان شروع ٿيندڙ نالن وارا جيڪڏهن اربع ڏينهن ڪيڙن ماڪوڙن کي مٺي ماني ڏيڻ گهرجي. ياد رهي رڳو چ سان شروع ٿيندڙ نالن وارن تي هي لاڳو نه ٿيندو پر جن جا نالا چي سان هوندا انهن تي لاڳو ٿيندو، جهڙوڪ چيتن وغيره.
