تحريرروشن عطاري
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ماڻهن جي گمشدگي ڪيس ۾ اڳڻي دفاعي گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪندي واضع ڪيو آهي ته شهرين جي گمشدگي تي ڇو نه اڳوڻي وزيراعظم، هاڻوڪي وزيراعظم ۽ ڪابينا خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، شهرين جي بازيابي رياست جي اهم ذميواري آهي، ڇا اسان کي جواب ناهي ڏيڻو، متاثر خاندان جا ماڻهو بيٺا آهن، انهن کي ڇا چئون ته ادارا ناڪام ٿي چڪا آهن، هر اداري ۽ عدالت جي به هڪ حد هوندي آهي، جيڪڏهن ادارا قانون کان مٿانهان ٿي ويندا ته پوءِ ماڻهو هٿيار کڻي عدالتن سميت سموري نظام کي باهه ڏئي ڇڏيندا. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته هڪ شخص ڇهن سالن کان گم آهي، عدالت چيو ته يا پوليس ۽ ادارا نااهل آهن يا سڀ جا سڀ مليل آهن، هيڏا وڏا ادارا هڪ ماڻهوءَ جو پتو نٿا لڳائي سگهن ته ملڪ کي ڪيئن تحفظ ڏيندا ؟ ڇا وڏن عهدن تي ويٺل ماڻهو رڳو رعايتون ۽ فائدا کڻڻ لاءِ آهن؟، قانون کان مٿڀرو ڪير ناهي، پاڪستان جي خدمت قانون موجب ڪرڻي آهي رڳو عدالتن کي چيو وڃي ٿو ته ڪم نٿيون ڪن، عدالت چيو ته اڳوڻي سيڪريٽري کانپوءِ هاڻوڪي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪنداسين، عدالت گهرو سيڪريٽري کي چيو ته اوهان ڪيترن ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز کي معطل ڪيو آهي، گهرو سيڪريٽري پوري پاڪستان جو ذميوار هوندو آهي، جيڪو ڪم نٿو ڪري اهو استعيفا ڏئي ڇڏي پاڪستان ۾ ٽئلنٽ جي کوٽ ناهي، هڪ ويندو ته 25 ٻيا اچي ويندا يا اوهان سڀ نااهل آهيو يا ماڻهو کي اوهان پاڻ کنيو آهي، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ڪجهه چوڻو آهي ته جلدي چئو ، اوهان ٽنهي جي خلاف توهين عدالت جي ڪاروائي شروع ٿو ڪريان اوهان سڀني کي ڇهن مهينن لاءِ جيل ٿو موڪليان، جلدي لکت ۾ جواب ڏيو، اوهان ڪم نٿا ڪريو ، عدالتن کي ختم ڪريو،نه هاءِ ڪورٽ جي ضرورت آهي ؟، نه سپريم ڪورٽ جي ڪا ضرورت آهي ، عدالت چيو ته جبري گمشدگين خلاف ٺهيل ڪميشن سڀ کان وڏو مذاق آهي ، عدالت چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنجن سالن ۾ اهو فيصلو نٿا ڪري سگهن ته کنڀل ماڻهو ڏوهي آهي يا نه ، پوري ملڪ اندر گمشدگين جا ڪيس آهن 43 ڪيس رڳو اسلام آباد ۾ آهن، عدالت چيو ته ڇا اسان کي جواب ناهي ڏيڻو، جيڪڏهن ائين ڪم هلندو رهندو ته ماڻهو عدالتن سميت سموري نظام کي باهه ڏئي ڇڏيندا ، جيڪڏهن ڪو شهري گم ٿي وڃي ته رياست جي ذميواري آهي ته انهي کي بازياب ڪرائي ماڻهو ڀلي پاڻ ئي غائب ٿئي پر رياست ايتري ڪمزور ناهي شهرين جي تحفظ جي ذميواري رياست تي آهي، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته گم ٿيل ماڻهو اوهان کي ناهن ڳولڻا ته ڀلي نه ڳوليو، 2005ع کان هڪ ماڻهو گم آهي، وفاقي حڪومت ذميوار آهي يا نه ؟، قانون جي حڪمراني رڳو عدالت کي مطمئن ڪرڻ ناهي، آئين تحت هلندڙ سماج ۾ جبري گمشدگي قطعي طور برداست ناهي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت ذميوار آهي ته ڇو نه وزير ۽ حڪومت تي ڏنڊ وڌو وڃي، ائين ئي اسان توهان جي نظرن اڳيان روزانو جڏهن اخبار اچي ٿي ۽ انهي ۾ ڳڀرو نوجوان گمشدگيون جون خبرون پڙهون ٿا ته وڏو افسوس ئي نه پر انتهائي قرب واري صورتحال سامهون اچڻ لڳي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪٿي به جيڪڏهن ڪو ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي ته انهي کي جيل بعد پهرين فرصت ۾ عدالتن ۾ آندو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن به حوالي سان ڪو ڪرمنل قسم ، اڻوڻندڙ سرگرميون ڪنهن به ماڻهو ۾ هجن ته انهي کي ضرور سزا ملڻ گهرجي ، ڪنهن به قسم جو جو ڪو به ڏوهه ثواب نه هجڻ تي نوجوانن جي گمشدگي نه صرف انهيءَ نوجوان لاءِ عذاب واري زندگي جو سبب بڻجي ٿو پر انهي کان وڌيڪ انهي جي ٻارڙن، نياڻين، والدين وارثن لاءِ روزانو زندگي ۽ موت مثل ٻه واٽي تي حياتي ٽنگيل رهي ٿي، انهن کي اها خبر ناهي ته اسان جي ٻچڙن والدين جو ڪهڙو حال آهي ؟، سماج ۾ هر قسم جا فرد رهن ٿا، انهن فردن جي بهتر تربيت ڪرائڻ رياست جو اولين ڪم آهي، رياست جو رڳو اهو ڪم ناهي ته اها ٽي وي تي اچي روزانو پئٽرول جون قيمتون وڌائي انهن جو اعلان ڪندي رهي، رياست جو اهو ڪم به ناهي ته اها پنهنجي ملڪ جي عوام کي سهولتون ريليف ڏيڻ بجاءِ رڳو نت نوان خيالي پلائو وارا اعلان ڪندي پنهنجو وقت ٽائيم پاس ڪندي رهي، باقي عملي طرح “ حڪومت جي زيرو رزلٽ سامهون هجي ” هن موجودهه حڪومت مان عوام کي تمام گهڻيون اميدون وابسته هيون ڇاڪاڻ ته انهي بار بار “ تبديلي ” جي ڳالهه ڪندي نئين پاڪستان ۾ عوام کي سک، چين، اطمينان، راحت ۽ فرحت جون جيڪي ڊاڙون ۽ لٻاڙيون هنيون هيون انهن مان هڪ تي به نه لٿي آهي، هيءَ حڪومت وائڙي سرڪار وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي سنڌ جي ڌرتي مان ڳڀرو نوجوان کنڀيا ٿا وڃن اسان جا قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر خاموش بيٺل آهن، جڏهن انهن جي ڪنهن پٽ، ڀاءَ، مائٽ مٽ، رشتيدارن سميت ويجهن عزيزن جي کنڀجڻ وارو واقعو سامهون ايندو، شايد تڏهن ئي اهي اسيمبلين ۾ آواز اٿاريندا .سنڌ يا ڪنهن به صوبي ۾ ڪو به فرد ڪنهن به اڻوڻندڙ سرگرمين ۾ ملوث هجي ته ضروري آهي ته انهن کي جيل بعد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ انهن کي عدالت ضرور پڇاڻو ڪندي سزا يا انصاف ٻنهي ۾ هڪ شيءِ ڏياريندي باقي اڪثر نوجوانن جا بي نام و نشان لاش ۽ کنڀجڻ جون رپورٽون رياست جي اندر رياست جو احساس ڏياريو وڃي ٿو، هيءُ ملڪ اسلامي جمهوري پاڪستان آهي، هن ملڪ ۾ اسلامي قانون هجڻ گهرجي، جيئن اسلام جي ٻئي خليفه حضرت سيدنا عمر فاروق اعظم رضي الله تعاليٰ عنه فرمايو ته “ جيڪڏهن منهنجي حڪومت ۾ ڪو ڪتو به بک مري ويو ته انهيءَ جو به عمر کان حساب ٿيندو”، ٻئي روايت ۾ اچي ٿو ته هڪ پيرسن عورت پنهنجي گهر ۾ پنهنجي پوٽيءَ کي چئي ٿي ته نياڻي کير ۾ پاڻي ملائي ته اها نياڻي چوي ٿي ته امان توکي خبر ناهي ته حضرت سيدنا عمر فاروق اعظم رضي الله تعاليٰ عنه جي حڪومت آهي، جيڪڏهن انهي کي خبر پئي ته سخت سزا ملندي، جنهن تي پيرسن عورت چئي ٿي ته نياڻي ڪهڙو هتي اهو اسان کي ڏسي ٿو، انهي جي جواب ۾ نياڻي چوي ٿي ته امان ڏاڏي اهو نٿو ڏسي پر انهي جو خدا ته اسان کي ڏسي ٿو نه ، اهي هيا وقت جا مخلص، نيڪ نيت ۽ سچا حڪمران جنهن جي دٻدٻي، شجاعت مخلصانه انداز کان ڪيترائي ماڻهو خوفزدهه رهندا هيا ۽ هر طرف بهتريءَ جي اميد نر وار ۽ عيان رهندي هئي، اڄ ملڪ ۾ ملڪي کاتن ڊپارٽمينٽن جي ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، اهو ادارو ٻڌايو وڃي جيڪو صاف، شفاف اعتماد جوڳو ۽ مثالي بچيو آهي، هر جاءِ تي رشوت جي بازار گرم لڳي پئي آهي، نه صرف پوليس پر واپڊا به سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، جيڪو ملڪ جو وڏي عهدي وارو وزيراعظم، وزيراعليٰ ، ٻيا منسٽر اقتدار مان آئوٽ ٿيڻ بعد رڪارڊي مهان ڪرپٽ ثابت ٿيندا رهن ٿا، ڪيسن مٿان ڪيس هلندڙ آهن، جڏهن اهڙي صورتحال سامهون هجي ته پوءِ سڀ کان اڳ ۾ اهڙي ناسور ورتل سماجي ڍانچي کي صحيح رک صحيح سمٿ ۾ هلائڻ جي اولين ڪوشش ڪئي وڃي، برابري ۽ سراسري جي بنياد تي جڏهن ڪم ڪار ٿيندا رهندا ته پوءِ ڪير ڪنهن جي ڪهڙي هروڀرو جي ڳالهه ڇاڪاڻ ڪندو رهندو، جنهن بنياد تي هيءُ ملڪ تعمير ڪيو ويو هيو جنهن عوامي ڀلائي انساني خير خواهي جي بنياد تحت هيءُ ملڪ ٺاهيو ويو هيو ، اهو شايد اسان کان وسري ويو آهي يا وري انهي کي اسان ڄاڻي واڻي پوئتي ڪري ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ زياديتن جي روايتن کي ورتو آهي، هيءُ پاڪستان ملڪ الله پاڪ جي وڏي ۾ وڏي نعمت آهي، هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪرپٽ نظام جي پيداوار کي روڪيو وڃي ته سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهيون کير کنڊ آهيون، ڪي به وڇوٽيون، ويڇا ناهن، سنڌي، بلوچ، پنجابي، پختون هڪ جسم ۽ جان آهن، جيڪڏهن جسم جي ڪنهن به حصي ۾ درد پيدا ٿيندو آهي ته پورو جسم سور ۽ درد محسوس ڪندو آهي اهڙي طرح چارئي صوبا ۽ انهن جا رهواسي به هڪ جسم ۽ جان آهن انهن جي محبت کي مثالي بڻائڻو آهي، جيڪي وڇوٽيون ۽ ويڇا وجهڻ جي ڪوشش ڪن سمجهو ته اهي مافيائون ڪنهن ٻاهرن عناصرن جي آشيرواڌ تحت گند ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ياد رکڻ گهرجي ته سنڌي نوجوان ٻين صوبن جي نوجوانن کان ڪڏهن به گهٽ محب وطن ناهن، سنڌ جا نوجوان هر دور ۾ ملڪي سرحدين جي حفاظت لاءِ ميدان عمل ۾ ٻين صوبن جي فوجين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي محاذن تي جهڙي طرح پاڻ ملهائي رهيا آهن انهي جو ڪو به مثال نٿو ملي سگهي، سنڌ جي نوجوانن ۾ وڏو ٽئلنٽ موجود آهي اهي محب وطن آهن ۽ پاڪ فوج سميت ٻين اهم ادارن ۾ ملڪي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن، خدارا کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي واپسيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي ۽ انهن گم ڪيل نوجوانن جي والدين وارثن پاران چوڻ آهي ته اسان جي زندگي ٻه واٽي تي بيٺل آهي ، بظاهر زندگي جاري آهي پر ڄڻ اسان موت مثل زندگي بسر ڪري رهيا آهيون، اسان کي اسانجا پيارا واپس ڪري اسان کي به هن ملڪ ۾ جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، اسان والدين پيئر، مائرون، ڀائر، ڀينرون، نياڻيون ، ٻچڙا سميت ٻيا پڪاري رهيا آهيون ته خدارا اسان جا کنڀي گم ڪيل نوجوان واپس ڪريو، اسان تي رحم ڪريو، اسان جي پيرسنيءَ کي ڏسو شايد توهان کي پنهنجا پيرسن ضعيف العمر والدين ياد اچي وڃن جيڪي توهان جون به راهون تڪيندا هوندا.










