ن ليگ نواز شريف جي قيادت ۾ عوام جي عدالت ۾ وڃڻ لاءِ تيار

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف عام چونڊن جي تاريخ جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ن ليگ نواز شريف جي قيادت ۾ عوام جي عدالت ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهي.پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته عوامي قيادت ايندي ته عوام جي زندگي ۾ خوشحالي ايندي، قومي اسيمبلي ٽوڙيندڙن کي سپريم ڪورٽ انهن جي ڏوهه جي سنگيني ٻڌائي ڇڏي آهي، 3 اپريل ۽ 9 مئي جي ڏوهه جي سزا آئين ۽ قانون جي سربلندي ۽ رياست جي عملداري جو معاملو آهي. هن چيو ته ن ليگ واحد جماعت آهي، جنهن سڀ کان اڳ اليڪشن جو عمل شروع ڪيو، ن ليگ چونڊن لاءِ تيار آهي، الله پاڪ موقعو ڏنو ته ملڪ ۾ ترقي جو عمل ٻيهر شروع ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو