(ن) ليگ منشور ڪميٽي جو اعلان، عرفان صديقي چيئرمين مقرر

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن منشور ڪميٽي جي ميمبرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.مسلم ليگ (ن) جي منشور ڪميٽي جي ميمبرن جو انگ 33 آهي جنهن ۾ چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اقليتن جي نمائندگي شامل آهي. سينيٽر عرفان صديقي کي منشور ڪميٽي جو چيئرمين بڻايو ويو آهي، جڏهن ته احسن اقبال، پرويز رشيد، سعد رفيق، اعظم نذير تارڙ، خرم دستگير، احسان افضل، رائو اجمل، رياض الحق، سينيٽر مصدق ملڪ، بئريسٽر ظفرالله، ڊاڪٽر طارق فضل شامل آهن. منشور ڪميٽي ۾ پير صابر شاهه، اختر ولي، خلداس ڪوهستاني ۽ بشير ميمڻ شامل آهن ان کان علاوه منشور ڪميٽي ۾ راحيلا دراني، عظميٰ بخاري، ناصر محمود، ڪامران مائيڪل، نزهت صادق، رانا مشهود، گلگت بلتستان مان حافظ حفيظ الرحمان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير مان شاهه غلام قادر، ڊاڪٽر افنان الله، بئريسٽر امجد علي شامل آهن. سلميٰ بٽ، عاشق ڪرماڻي، راحيلا خادم حسين، راڻا سڪندر حيات، مريم اورنگزيب بلال اظهر ڪياني، علي پرويز ملڪ ۽ شازا فاطمه به منشور ۾ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو